رحمت الله بهڻ

رحمت الله بهڻ

رحمت الله بهڻ

رحمت الله بهڻ: حاجي رحمت الله ولد حاجي خان محمد بهڻ، ضلعي نوشهري فيروز جو مشهور سياسي اڳواڻ ۽ زميندار آهي. سندس جنم 1932ع ۾ موري لڳ ڳوٺ ڌيرڻ ۾ ٿيو ۽ اڄ به انهيءَ ساڳئي ڳوٺ ۾ رهي ٿو. الله بهڻ'>رحمت الله بهڻ، ننڍو ئي هو ته سندس والد گذاري ويو، پوءِ چاچي جي پرورش هيٺ رهيو. سياسي طور هن جا پهرين تعلقي موري جي کيڙا خاندان سان ۽ پوءِ جتوئي خاندان سان تعلقات رهيا. 1962ع واري بي. ڊي اليڪشن دؤران جتوئين سان ناتا ٽوڙي، پير صاحب پاڳاري جي ويجهو ٿيو. جنرل ضياء جي دؤر ۾ مجلس شوريٰ جو به ميمبر رهيو، 1977ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ڪيائين، پر اڳتي هلي 1988ع ڌاري ڄام صادق علي ۽ سيد ظفر علي شاهه جي ڪوششن سان پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو، هن پير صاحب پاڳاري جي اجازت سان اها چونڊ وڙهي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کان کٽيائين، پر 1990ع جي اليڪشن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. 1993ع وارين چونڊن ۾ هن جتوئي خاندان سان ٻيهر ناتا بحال ڪيا ۽ پ پ جي ٽڪيٽ تي بيٺل اميدوار ملهار راڄپر سامهون چونڊ وڙهيو، پر شڪست کاڌائين. حاجي رحمت الله خوش مزاج ۽ مهمان نواز شخص آهي. شاهنواز جوڻيجي کانپوءِ سنڌ ۾ الله بهڻ'>رحمت الله بهڻ کي ئي ڪلاسيڪل وڏيرو سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته هو بهترين امين، ڪچهريءَ جو مور ۽ گهوڙن پالڻ جو شوقين آهي. سندس چونئري جي طرز تي ٺهيل اوطاق سنڌ ۾ تعمير جو هڪ نادر نمونو آهي، جتي هر وقت محفلون ۽ ڪچهريون متل هونديون آهن. پير پاڳاري شاهه مردان شاهه سان خاص ناتا هئس، ۽ سياسي تبديلين سبب انهن ناتن ۾ ڪڏهن به گهٽ وڌائي نه آندائين ۽ نه ئي پير صاحب کانئس شاڪي رهيو. پير صاحب خيرپور ويندي يا ڪراچيءَ ويندي حاجي رحمت الله جي اوطاق تي ضرور ترسندو هو، جتي پير صاحب لاءِ خاص رهائش گاهه ٺهرائي هئائين. حاجي الله بهڻ'>رحمت الله بهڻ جو اولاد به پيءُ وانگر ناتا نڀائي ڄاڻي ۽ هن وقت ڪاروبار ۽ سياسي وهنوار سنڀالي رهيا آهن.


لفظ رحمت الله بهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو